پيپلزپارٽي اليڪشن ڪميشن کي جلسن ۾ خراب ٻولي استعمال ڪرڻ تي عمران خان ۽ پرويز خٽڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پيپلزپارٽي اليڪشن ڪميشن کي جلسن ۾ خراب ٻولي استعمال ڪرڻ تي عمران خان ۽ پرويز خٽڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سياسي مخالفن لاءِ عمران خان ۽ پرويز خٽڪ جي خراب ٻولي جو نوٽيس وٺي، عمران خان وٽ ڪو به منشور نه آهي، هو رڳو گارين جو سهارو پيو وٺي.

پيپلزپارٽي اليڪشن ڪميشن کي جلسن ۾ خراب ٻولي استعمال ڪرڻ تي عمران خان ۽ پرويز خٽڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پ پ جي اطلاعات واري سيڪريٽري مولا بخش چانڊي چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت گندي ٻولي استعمال ڪري سياست  کي گدلو ڪري رهي آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سياسي مخالفن لاءِ عمران خان ۽ پرويز خٽڪ جي ڳالهايل گندي ٻولي جو نوٽيس وٺي. هو جيڪا ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن، ان مان سندن تربيت جي خبر پئي ٿي.

پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان عوام ۽ پرويز خٽڪ قوم جي مائرن کي گار ڏني آهي، اسان اهڙي زبان استعمال نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي برداشت ڪري سگهون ٿا.

مولا بخش چانڊيي چيو ته جلسن ۾ گارين جي استعمال جو نوٽيس نه وٺي اليڪشن ڪميشن جانبدار هئڻ جو مظاهرو ڪري رهي آهي،

هن چيو ته اڄ ڪلهه لاڏلي عمران خان وٽ نه ڪو منشور نه ئي ڪو نظريو آهي، هن وٽ رڳو گارين جو سهارو آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته پرويز خٽڪ پنجن سالن ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو، تحريڪ انصاف جي قيادت جي خراب ٻولي اليڪشن عمل کي متاثر ڪرڻ جي سازش آهي.

مولا بخش چانڊيي چيو ته صاف نظر اچي رهيو آهي ته عمران خان حالتن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو، اليڪشن ڪميشن کي مطالبو ڪيون ٿا، اهڙِي بيانن جو نوٽيس ورتو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*