اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر رحمان ملڪ بلور هائوس پهچي بلور ڪٽنب سان ڏک جو اظهار ڪيو

اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر رحمان ملڪ بلور هائوس پهچي بلور ڪٽنب سان ڏک جو اظهار ڪيو. رحمان ملڪ چيو آهي ته بلور ڪٽنب دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن،شهيد بلور جي قرباني ضايع نه ٿيندي، شڪست دهشتگردن جو مقدر آهي.

اڳوڻي گهرو وزير ۽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ بلور هائوس پهچي هارو بلور جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي رحمان ملڪ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو بلور ڪٽنب سان برابر جا شريڪ آهن.

بلور ڪٽنب کي سلام پيش ڪندي رحمان ملڪ چيو ته هو دهشتگردي جي واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، بلور ڪٽنب دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.

هن چيو ته شهيد هارون بلور جي قرباني رائيگان نه ويندي، شڪست دهشتگردن جو مقدر بڻبي، حڪومت بلور خاندان ۽ اي اين پي قيادت جي سيڪيورٽي کي وڌائي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*