آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ملاقات ڪئي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ملاقات ڪئي، آرمي چيف چيو آهي ته پاڪ ايران فوجي سهڪار سان خطي ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال تي مثبت اثر پوندا.

آءِ ايس پي آر موجب، ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل ڊاڪٽر محمد باقري جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جنهن دوران آپريشنل تيارين جي حوالي سان کين بريفنگ ڏني وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ايران جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات به ڪئي، جنهن دوران ايراني وفد پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي، جڏهن ته پاڪ ايران جي بهتر لاڳاپن لاءِ سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

آءِ ايس پي  آر موجب، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ خطي جي سلامتي جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف پاڪ ايران فوجي سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ ايران فوجي سهڪار خطي ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي مثبت اثرپوندا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*