والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فورسز جي فائرنگ ۾ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فورسز جي فائرنگ ۾ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويو.

 ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ڪشمير جي ضلع ڪپواڙه جي علائقي صفا والي گلي ۾ ڀارتي فورسز جي شروع ڪيل ملٽري آپريشن جي خلاف احتجاج ڪندڙ نوجوان کي فوسز فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

 ٻئي طرف ڀارتي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ضلعي ڪپواڙه ۾ ملٽري آپريشن دوران 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

 هوڏانهن ضلعي شوپيان ۾ گهر گهر تلاشي دوران ڪشميري شهيدن صدام، ناصر ۽ عرفان جي ڀائرن کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*