اٽڪ ۾ پارلياماني معاملن واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ نواز ليگ اڳواڻ شيخ آفتاب جي گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي پر هو معجزاڻي طور محفوظ رهيو

اٽڪ ۾ پارلياماني معاملن واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ نواز ليگ اڳواڻ شيخ آفتاب جي گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي پر هو معجزاڻي طور محفوظ رهيو.

اٽڪ ۾ سٽي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نواز ليگ اڳواڻ شيخ آفتاب محفوظ رهيو.

اطلاع تي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن ڪيو.

ذريعن موجب، شيخ آفتاب چونڊ مهم کان پوءِ واپس گهر وڃي رهيو هو ته هٿياربندن سندس گاڏي کي نشانو بڻايو. ذريعن موجب، شيخ آفتاب کان هڪ هفتو اڳ سيڪيورٽي واپس ورتي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*