اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه ريفرنس تي ٻڌڻيءَ سڀاڻي تائين ملتوي

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه ريفرنس تي ٻڌڻيءَ سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي چيو آهي ته،

ريفرنسز جي منتقلي لاءِ اپيلون داخل ڪيون ويون آهن، ڪارروائي جاري رکڻ بدران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪريون ٿا، نواز شريف خلاف ريفرنسز تي اڊيالا جيل ۾ ٽرائل جي ڪوريج ڪرڻ جي اجازت هوندي، صحافين کي خصوصي پاسز جاري ڪيون وينديون.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نوازشريف جو وڪيل خواجا حارث پيش نه ٿيو، سندس جاءِ تي سعد هاشمي پيش ٿيو ۽ نيب پراسڪيوٽر افضل قريشي نيب طرفان پيروي ڪئي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شريف ڪٽنب جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر آهن،

جنهن تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ڪهڙو حڪم اچي ٿو، انتظار ڪري ٿا وٺون.

احتساب عدالت جي جج نوازشريف جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جون ٻئي درخواستون هاءِ ڪورٽ موڪلي ڇڏيون آهن،

وڪيل سعد هاشمي چيو ته ريفرنس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن تي جج پڇا ڪئي ته لڳي ٿو ته اڄ فيصلو اچي ويندو.

ان موقعي تي جج محمد بشير چيو ته مون به هڪ درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ ڏني آهي، ٻڌو آهي ته قانون واري وزير به ٽرائل جيل ۾ ڪرڻ جو چيو آهي، جنهن تي نوازشريف جي وڪيل چيو ته اسان کي نوٽيفڪيشن ناهي مليو.

جج پڇا ڪئي ته خواجا حارث ڪڏهن ايندو، ان سان طئي ڪنداسين ته جيل ٽرائل ۾ ڪرڻو آهي يا نه ۽ ٻين ريفرنسز جو ڇا ڪرڻُو  آهي. ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪيون ٿا.

احتساب عدالت ٻاهران جج محمد بشير کان نواز شريف جي جيل ۾ ٽرائل بابت صحافي سوال ڪيو ته ڇا جيل ۾ ٽرائل دوران ميڊيا کي ڪوريج جي اجازت هوندي يا وري جيل جي ٻاهران بيهي رپورٽنگ ڪرڻي پوندي،

صحافين مطالبو ڪيو ته ٽرائل جي رپورٽنگ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي جج محمد بشير چيو ته صحافين کي نوازشريف جي جيل ٽرائل جي رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت هوندي، جنهن لاءِ خصوصي پاس ٺهرائي ڏنا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*