گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير مليحه لوڌي والاريل ڪشمير ۾ انساني ڀڃڪڙيون روڪڻ جو مطالبو

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير مليحه لوڌي والاريل ڪشمير ۾ انساني ڀڃڪڙيون روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀارتي فوج ايل او سي تي 18 سئو کان وڌيڪ ڀيرا ڀڃڪڙيون ڪيون آهن، جنهن سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي کي فوري طور روڪيو وڃي،

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني مليحه لوڌي او آءِ سي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مسلم ملڪن جي سفيرن والاريل ڪشمير جي صورتحال  تي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

مليحه لوڌي چيو ته اڄ گڏيل قومن ۾ اسلامي تعاون تنظيم ڪشمير ڪانٽيڪٽ گروپ سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران مسلم ملڪن جي سفيرن کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان آگاهه ڪيو ويو.

هن چيو ته ملاقات ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميٽي جي رپورٽ بابت بريفنگ ڏني وئي، مسلم ملڪن جي سفيرن کي به گهرايو ويو هو.

مليحه لوڌي چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ڀارتي فوج ايل او سي جون 18 سئو کان وڌيڪ ڀڃڪڙيون ڪيون آهن،

هن چيو ته يو اين هيومن رائٽس ڪمشنر والاريل ڪشمير جي معاملي تي آزاد ڪميشن جي قيام جي تجويز ڏني آهي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي جاچ جو مطالبو ڪيوويو آهي.

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير مليحه لوڌي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي کي روڪيو وڃي،

مليحه لوڌي چيو ته گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ متحرڪ ڪشميري اڳواڻن کي طلب ڪيو ويو هو، ڪشميري اڳواڻن يو اين هيومن رائٽس ڪميشن جي رپورٽ اجاڳر ڪرڻ جو چيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*