سپريم ڪورٽ اين اي 87 تي چونڊ وڙهندڙ اڳوڻي وفاقي وزير سائره افضل تارڙ جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪندي

سپريم ڪورٽ اين اي 87 تي چونڊ وڙهندڙ اڳوڻي وفاقي وزير سائره افضل تارڙ جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾  اڳوڻي وفاقي وزير سائرا افضل تارڙ جي نااهلي لاءِ مخالف اميدوار شوڪت علي ڀٽي طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي وفاقي وزير سائرا افضل تارڙ پنهنجي ٻن بينڪ اڪائونٽس بابت ناهي ٻڌايو، جنهن تي جج چيو ته اوهان ئي ان کي ٻڌائي ڇڏيو.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مون وٽ بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل نه آهن، سائره افضل تارڙ پنهنجي زمين جي قيمت وڌيڪ ٻڌائي آهي ته .

جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن زمين جي قيمت گهٽ ٻڌائي ها ته مسئلو هو پر وڌيڪ ٻڌائڻ ڪو مسئلو نه آهي.

سپريم ڪورٽ اين اي 87 تان اڳوڻي وفاقي وزير سائره افضل تارڙ جي نااهلي جي درخواست رد ڪري کيس ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*