سپريم ڪورٽ اين اي 60 تان ن ليگ جي اميدوار حنيف عباسي جي ايفي ڊرين ڪوٽا ڪيس جي روزاني بنياد تي درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اين اي 60 تان ن ليگ جي اميدوار حنيف عباسي جي ايفي ڊرين ڪوٽا ڪيس جي روزاني بنياد تي درخواست رد ڪري ڇڏي،

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ بينچ حنيف عباسي جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران حنيف عباسي طرفان وڪيل ڪامران مرتضيءِ عدالت ۾ پيش ٿيو.

حنيف  عباسي جي وڪيل چيو ته 2012ع کان هي ڪيس هلي رهيو آهي، منهنجي موڪل ڪڏهن به وقت ناهي گهريو، عدالت کي استدعا آهي ته ٽرائل ڪورٽ جي ٻڌڻي کي روڪيو وڃي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي حڪمنامو ڌرين جي رضامندي کانپوءِ جار يڪيو ويو.

وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان متفق ناهيون، هاءِ ڪورٽ غير لاڳاپيل شخص جي درخواست تي فيصلوڪيو. اليڪشن کان اڳ فيصلي سان غلط پيغام ملندو.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اتفاق ٿيل حڪم نامي ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون، جسٽس عظمت سعيد چيو ته اوهان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪرائي سگهو ٿا.

سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف حنيف عباسي جي درخواست رد ڪندي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي ايفي ڊرين ڪيس جي روزاني بنياد تي ٻڌڻي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*