فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي فائينل ۾ ڪروشيا جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ورلڊچيمپيئن ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙ فرانس جي ٽيم جو پيرس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو آهي

فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي فائينل ۾ ڪروشيا جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ورلڊچيمپيئن ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙ فرانس جي ٽيم جو پيرس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو آهي.

فرانس جي ٽيم جا رانديگرهڪ ڊبلز ڊيگر بس مٿان ٽرافي هٿن ۾ کڻي خوشي جو اظهار ڪندا رهيا ته ٻئي طرف ماڻهن جو هڪ سمنڊ جو جيڪي ٽيم جي رانديگرن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ شهر جي روڊ ۽ رستن تي نڪري آيا ۽ ٽيم جي حق ۾ نعريبازي ڪندا رهيا ۽ ڊانسون ڪندا رهيا.

ٽيم شهر جي مختلف روڊ ۽ رستن جو چڪر ڏيڻ بعد فرانس جي صدر امانوئيل ميڪرون سان ملاقات ڪئي،جنهن رانديگرن جي حُوصلا افزائي ڪئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*