پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ ۾ قومي ٽيم اوپنر فخرزمان جي شاندار سنچري سبب ميزبان ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ ۾ قومي ٽيم اوپنر فخرزمان جي شاندار سنچري سبب ميزبان ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ٻين ون ڊي ميچ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي ميزبان ٽيم 49ڏهائي 2 اوورس ۾ 194رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

زمبابوي جي ٽيم پاران مساڪاڊزا 59۽پي جي مور 50رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

پاڪستان پاران عثمان خان چار، حسن علي ٽي۽شعيب ملڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

قومي ٽيم ميزبان ٽيم هٿان ميچ کٽڻ لاءِ مليل 195رنز جو ٽارگيٽ هڪ طرفي مقابلي بعد 36 اوورس ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ اوپنر فخرزمان 117رنز ۽بابر اعظم 29رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته امام الحق 44رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو.

فخرزمان کي بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو وي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*