راولپنڊي ۾ عوامي مسلم ليگ ن جي سربراهه شيخ رشيد سميت 15 ڄڻن خلاف چونڊ مهم دوران آتشبازي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

راولپنڊي ۾ عوامي مسلم ليگ ن جي سربراهه شيخ رشيد سميت 15 ڄڻن خلاف چونڊ مهم دوران آتشبازي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

عوامي مسلم ليگ  جي سربراهه شيخ رشيد جي چونڊ مهم دوران يوسي 40 وٽ آتشبازي جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو.

پوليس آفيسر محمد يعقوب جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي آتشبازي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڪيس ۾ شيخ رشيد سميت 8 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾  شيخ رشيد جو ڀائيٽو ۽ 15 اڻڄاتل ماڻهو شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*