سُپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ اميدوار فواد چوڌري کي اين اي 57 جهلم تي چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو

سُپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ اميدوار فواد چوڌري کي اين اي 57 جهلم تي چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت اليڪشن ڪميشن ٽربيونل ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ کانپوءِ فواد چوڌري جي نامزدگي ڪاغذن خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ فواد چوڌري جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

فواد چوڌري جي مخالف اميدور سيد گوهر حيدر فواد چوڌري جي نامزدگي ڪاغذن کي چيلينج ڪيو هو.

ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد درخواستگذار کان پڇا ڪئي ته اوهان ڪاغذن جي نامزدگي وقت اعتراض داخل ڇو نه ڪرايو. نئين درخواست بدران اپيل رد ٿيڻ واري فيصلي کي چيلينج ڪرڻ گهرجي ها.

عدالت ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد درخواست رد ڪندي فواد چوڌري کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*