سنڌ جي مختلف جيل سپرنٽينڊنٽن  جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن

سنڌ جي مختلف جيل سپرنٽينڊنٽن  جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سينٽرل جيل ڪراچي جي جيل سپرنٽينڊنٽ حسن سهتو کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ضياءِ الرحمان کي سينٽرل جيل ڪراچي جو نئون سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب آفاق احمد کي جيل سپرنٽينڊنٽ ملير مقرر ڪيو ويو، جتان ممتاز اعواڻ کي بدلي ڪري دادو جيل جو جيل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب منصوراحمد کي دادو جيل مان بدلي ڪري سينٽرل جيل سکر ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي، سکر سينٽرل جيل جي سپرنٽينڊنٽ ممتاز راجا کي گهرو کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب لاڙڪاڻي جي جيل سپرنٽينڊنٽ اورنگزيب ڪنگو کي بدلي ڪري محمد نواز کي نئون جيل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو، اورنگزيب گنگو کي گهوٽڪي جيل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

          نوٽيفڪيشن موجب منور علي شاهه کي نوشهروفيروز جيل مان بدلي ڪري نارا جيل حيدرآباد ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو، شاهنواز ساند کي نارا جيل مان بدلي ڪري نوشهروفيروز جيل ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*