لاهور جي گوالمنڊي واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا

لاهور جي گوالمنڊي واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا ۽ 3  ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ پيءُ ۽ سندس 2 ٻارڙيون شامل آهن.

 گوالمنڊي واري علائقي ۾ برف خانه چوڪ وٽ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر ڀاتي دٻجي ويا.

 امدادي ٽيمن موقعي تي پهچي ملبي هيٺان 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا آهن، جن ۾ 2 ٻارڙيون ۽ هڪ مرد شامل آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ گهرڌڻي ۽ سندس 2 ڌيئر شامل آهن، جڏهن ته واقعي ۾ 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا آهن، زخمين کي ميو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*