آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته عوام ۽ پوليس جي سهڪار سان ڏوهارين جو خاتمو ممڪن آهي

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته عوام ۽ پوليس جي سهڪار سان ڏوهارين جو خاتمو ممڪن آهي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي.

ڪراچي جي سعودآباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 739 پوليس اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي امجد جاويد سليمي چيو ته ٽريننگ مڪمل ڪندڙ پوليس اهلڪار مختلف ٿاڻن ۾ مقرر دوران بهتر نموني سان ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.

هن چيو ته صوبي مان ڏوهارين جو خاتمو آڻي عوام کي امن فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا.

آءِ جي سنڌ پاسنگ آئوٽ پريڊ دوران بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي ايوارڊ ڏنا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*