ٻانڌي ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ٻانڌي ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري نواب شاهه  منتقل ڪيو ويو آهي.

 منگيا موري تي ٻن چنگچي رڪشائن جو آمهون سامهون ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا،   زخمي ٿيل ساجد بروهي ۽ امجد بٽ کي ھڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻانڌي اسپتال ۾ ايمبولينس جي سهولت نه هجڻ ڪري زخمين کي پوليس موبائيل ۾ نواب شاهه نيو ويو.

 حادثي جي ٻين زخمين ۾ بابر علي بروهي، سومر خاصخيلي، محمد علي چنا ۽ عالم خاصخيلي شامل آهن جن کي به علاج لاءِ مقامي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*