مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته اميد آهي جيئن نواز شريف کي سزا ڏيڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪارروائيون هلايون ويون

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته اميد آهي جيئن نواز شريف کي سزا ڏيڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪارروائيون هلايون ويون، اپيلن تي به ٻڌڻيءَ به انهي رفتار سان ڪئي ويندي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته نوازشريف هڪ ڏينهن ۾ ٻه ٻه ڀيرا عدالت ۾ حاضر ٿيو،

هن چيو نوازشريف کي عدالت ۾ آڻڻ ۽ هاڻ کيس لڪائڻ ڇو ضروري سمجهو پيو وڃي. اڄوڪي ڪارروائي ۾ نوازشريف کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته ٻڌايو وڃي ته نوازشريف جي حاضري کان ڇو پيو لنوايو وڃي. ڳڻتي آهي ته جنهن اڳواڻ کي  ڏسڻ لاءِ ماڻهو بيٺا هوندا هئا، ان کي لڪايو پيو وڃي.

هن چيو ته سالن کان هلندڙ ڪيس کي ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ڪري سزا ٻڌائي وئي، اسان کي اميد آهي ته انهيءَ رفتار سان اپيلن تي به فيصلا ٻڌايا ويندا.

پرويز رشيد چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي سياستدانن خلاف اهڙا ڪيس هلاي ويا، جيئن نوازشريف خلاف هلايا ويا، 2013 کان 2018 ع تائين ڌرڻا هنيا ويا، احتجاج ڪيا ويا پر اسان طاقت جو استعمال نه ڪيوسين………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*