اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي مقرريءَ خلاف 22 سينيٽرز جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي مقرريءَ خلاف 22 سينيٽرز جي درخواست رد ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ ۽ پ پ جي 22 سينيٽرز گڏيل درخواست ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي هٽائڻ جي اپيل ڪندي چيو هو ته عهدي جي مقرري وارو عمل قانون موجب نه آهي،

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي 22 سينيٽرز اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طارق باجوه جي مقرري کي چيلنج ڪيو هو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي مقرري ۾ قانون موجب نه آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طارق باجوه کي عهدي تان هٽايو وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طارق باجوه جي مقرري قانون موجب قرار ڏيندي سيينٽرز جي درخواست رد ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*