قصور ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙي زينب جي پيءُ امين انصاري مک جوابدار عمران کي سرعام ڦاهي ڏيارڻ لاءِ سياسي پارٽين کي خط لکي ڇڏيو

قصور ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙي زينب جي پيءُ امين انصاري مک جوابدار عمران کي سرعام ڦاهي ڏيارڻ لاءِ سياسي پارٽين کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته  جوابدار کي عبرت جو نشان بڻائڻ لاءِ سياسي پارٽيون ساٿ ڏين.

قصور ۾ اغوا بعد قتل ٿيل معصوم ٻارڙي زينب جي والد امين انصاري سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن کي خط لکيو آهي.

خط ۾ امين انصاري چيو آهي ته زينب قتل ڪيس جي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جوابدار عمران جي رحم جي اپيل به صدر وٽ پهتي آهي.

امين انصاري سياسي جماعتن جي سربراهن کي استدعا ڪئي آهي ته جوابدار عمران کي عبرت جو نشانو بڻائڻ لاءِ  سياسي پارٽيون سندس ساٿ ڏين.

امين انصاري خط ۾ چيو آهي ته سياسي جماعتون جوابدار کي سرعام ڦاهي ڏيڻ واري موقف جي حمايت ڪن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*