حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته سال 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي پر هاڻ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ٿيندي

حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته سال 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي پر هاڻ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ٿيندي، عوام سنڌ کي لٽيندڙن کان ووٽ ذريعي پلاند ڪندو ۽ پنهنجي جان آجي ڪندو.

سانگهڙ ويجهو اوڍ واري علائقي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي حرن جي روحاني پيشوا چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ مان پئسو لٽي پرڏيهي پئنڪون ڀريون آهن، عوام ووٽ ذريعي اهڙن ڪرپٽ حڪمرانن کي رد ڪري پنهنجي جان آجي ڪري.

هن چيو ته 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي پر ھاڻي چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ٿيندي ۽ عوام سنڌ کي لٽيندڙن کان ووٽ ذريعي پلاند ڪندو.

پير پاڳاري چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، زرداري کانسواءِ ٻئي ڪنهن به زميندار وٽ پاڻي نٿو پهچي، جڏهن ته زرداري کي زمينون وڪرو ڪندڙن کي پيسا ناهن ملي سگهيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*