منهنجي ايندڙ فلم جي ڪهاڻي دوستي دشمني ۽ پلاند جي موضوع تي هوندي پرينيتي چوپڙا

ڀارتي اداڪارا پرينيتي چوپڙا فلم ڪل دل جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، سندس چوڻ آهي ته فلم کي ملندڙ موٽ ڏسڻ کان اڳ ڪا به نئين فلم سائن نه ڪندي.

اداڪارا پرينيتي چوپڙا جي نئين فلم ڪل دل 14 نومبر تي رليز ٿي رهي آهي، سموري ڪاسٽ فلم جي مشهوري مهم لاءِ نـَنهن چوٽي جو زور لڳائي ڇڏيو آهي.

ممبئي ۾ فلم جي مشهوري مهم دوران پرينيتي چوپڙا جو چوڻ هو ته کيس فلم جي ڪاميابي جو انتظار آهي، ان وچ ۾ هوءَ ٻن هفتن لاءِ ڪراچي ۽ دبئي ويندي پر جلدي ۾ ڪا فلم سائين نه ڪندي.

فلم جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ پرينيتي چيو ته فلم جي ڪهاڻي دوستي دشمني ۽ پلاند جي موضوع تي آهي، اميد آهي ته ان کي ڀرپور موٽ ملندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*