پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال نه ٿي ته ملڪ ۾ ٽيلينٽ ختم ٿي ويندو، وقار يونس

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجوده ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس چيو آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال نه ٿي ته ملڪ ۾ ٽيلينٽ ختم ٿي ويندو.

سڊني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي بالرز سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پر بيٽسمين ناڪام رهيا.

وقاريونس چيو ته ملڪ ۾ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ نه ٿيڻ سبب نئون ٽيلينٽ نه هجڻ برابر آهي ۽ جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه عرصي تائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ملڪ ۾نه ٿي ته بچيل ٽيلينٽ به ختم ٿي ويندو.

قومي ٽيم جي ڪوچ جو چوڻ هو ته حڪومت کي گهرجي ته ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ ڪوششون وٺي.

هن چيو ته هو گهڻو پراميد آهي ته مصباح الحق ۽يونس خان جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان ڌار ٿيندا ته سندس جاءِ تي اظهر علي، اسد شفيق ۽حارث سهيل تيار آهن،جيڪي باصلاحيت رانديگر آهن.

وقاريونس چيو ته عمر گل ۽ محمد حفيظ جي غير موجودگي ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻ آسان نه هو ۽ کيس ميگا ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست تي مايوسي ٿي آهي.

وقاريونس جو چوڻ هو ته اڄ جي ڪرڪيٽ ۾ 300رنز ٺهڻ سولو ٿي ويو آهي ۽ سليڪشن ڪميٽي کي اهڙا بيٽسمين تلاش ڪرڻا پوندا، جيڪي اهو ٽوٽل حاصل ڪري سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*