تازو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد علي رضا شاهه پ پ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي

تازو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد علي رضا شاهه پ پ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جاري ڪيل ويڊيو ۾ علي رضا شاهه چيو ته والد امير حيدر شاهه جي ناراضگي سبب پ پ کان ڌار ٿي رهيو آهيان.

هن ويڊيو ۾ چيو ته منهنجو ڀاءَ آمريڪا مان واپس ملڪ آيو آهي، جنهن سان ڳالهين دوران طئي ڪيو ويو ته سڀئي مسئلا پاڻ ۾ گڏجي حل ڪيا ويندا، ان کان پوءِ مان پ پ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيان ٿو.

علي رضا شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري پ پ  ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*