سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اميدوار گل محمد جکراڻي ۽ امير بخش عمراڻي خلاف پوليس کي ڪارروائي کان روڪيندي سنڌ حڪومت

سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اميدوار گل محمد جکراڻي ۽ امير بخش عمراڻي خلاف پوليس کي ڪارروائي کان روڪيندي سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ذوالفقار مرزا ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪري 9 آگسٽ تائين لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

بدين ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسنين مرزا جي مخالف اميدوارن گل محمد جکراڻي ۽ امير بخش عمراڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس ڪارروائي خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي.

عدالت پوليس کي حڪم ڪيو ته درخواستگذارن خلاف غيرقانوني قدم کڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته 4 جولاءِ تي گهرو کاتي ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسنين مرزا جي جان کي خطري بابت ليٽر جاري ڪيو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته گهرو کاتي ليٽر ۾ چيو ته ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسنين مرزا تي امڪاني طور گل محمد جکراڻي ۽ امير بخش عمراڻي حملو ڪري سگهن ٿا.

درخواستگذارن چيو ته سياسي مخالف هئڻ ڪري ذوالفقار مرزا پهرين ئي اسان تي اهڙا الزام هڻي چڪو آهي.

درخواستگذارن چيو ته گهروکاتي پاران جاري ڪيل ليٽر بعد پوليس اسان کي حراسان ڪري رهي آهي، ان کي روڪيو وڃي.

عدالت پ پ اميدوار گل محمد جکراڻي ۽ امير بخش عمراڻي خلاف ڪارروائي کان پوليس کي روڪيندي سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ذوالفقار مرزا ۽ ٻين کان 9 آگسٽ تائين لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*