ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف 462 ارب روپين جي ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف 462 ارب روپين جي ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ نيب جي شاهد سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

نيب جي شاهد جا دستاويز مڪمل نه هئڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت رمارڪس ۾ شاهد کي چيو ته توهان کي خبر آهي ته شاهدي نه ڏيڻ جي سزا ڪهڙي آهي، توهان کي جيل موڪلي سگهجي ٿو.

عدالت نيب جي شاهد کي ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل دستاويز سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*