پي ٽي آءِ  اڄ جيڪب آباد ۾ سياسي سگهه جو مظاهرو ڪري رهي آهي

پي ٽي آءِ  اڄ جيڪب آباد ۾ سياسي سگهه جو مظاهرو ڪري رهي آهي، نمائش گرائونڊ تي جلسي کي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خطاب ڪندو، جنهن لاءِ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ جيڪب آباد جي نمائش گرائونڊ تي جلسو ڪري رهي آهي، جنهن کي پي ٽي آءِ سربراهه شام جو 6 لڳي جلسي کي خطاب ڪندو.

پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ 100فوٽ ڊگهو ۽ 40 فوٽ ويڪرو اسٽيج تيار ڪيو ويوآهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ مولابخش سومري چيو آهي ته  جلسي گاهه ۾15هزار ڪرسيون لڳايون ويون آهن.

جلسي جي سڪيورٽي لاءِ رينجرز ۽ پوليس جا 500 اهلڪار مقررڪيا ويا آهن، جڏهن ته رستن تي سڪيورٽي انتظامن کي سخت ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*