پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سمورين جماعتن سان ميثاق جمهوريت تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سمورين جماعتن سان ميثاق جمهوريت تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، عمران خان ۽ شهباز شريف جي گارين واري سياست عوام برداشت نه ڪندو، وزيراعظم جو فيصلو چونڊن کانپوءِ ڪيو ويندو، چونڊ نتيجن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف سان ماضيءَ جو اسان جو تجربو هاڪاري نه رهيو آهي پر ميثاق جمهوريت جي نئين قسم تي  ڳالهائڻ ۾ ڪو به مسئلو ناهي.

هن چيو ته مخالفن تي تنقيد چونڊ سياست جو حصو آهي پر هاڻ نفرت جي سياست آندي وئي آهي، جنهن سان نوجوان به ايئن ڪندا.

هن چيو ته اسان هميشه ڪمپرومائيزڊ اليڪشن تي اعتراض ڪيو آهي، پ پ هر ڀيري ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ هميشه جڙتو اتحادن جو مقابلو ڪيو آهي، پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.

هن چيو ته  هو نوجوانن کي پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته هاڪاري ڪردار ادا ڪن، ڪراچي مان چونڊ مهم کڻي نڪتو آهي ۽ سموري ملڪ جا دورا ڪري رهيو آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته وزيراعظم جي اميدوار جو فيصلو اليڪشن کانپوءِ پارٽي ڪندي،

هن چيو ته مسئلن تي ٽن سالن ۾ جيترو ڌيان ڏيڻ گهرجي اها اهو نه ڏنو ويو آهي، پر هاڻ سندس  ڌيان پارٽي جي منشور ۽ عوام جي مسئلن تي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرد چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا، دهشتگرديءَ سبب ڪجهه هنڌن تي جلسا ملتوي ڪيا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*