اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف، مريم نواز ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف داخل اپيل ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف، مريم نواز ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف داخل اپيل ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، عدالت العزيزيه ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز ٻي عدالت منتقل ڪرڻ واري درخواست تي به نيب کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ميان گل حسن ۽ اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت پهريون نواز شريف طرفان فليگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي جي اپيل رد ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر خواجه حارث کان سوال ڪيو ته ريفرنسز جي ڪهڙي اسٽيج آهي، ڇا ثبوتن جو بار توهان تي منتقل ڪيو ويو، اهو جج جو تعصب هو؟

جنهن تي خواجه حارث چيو ته جج جي تعصب يا پرسنل اختلافن جي ڳالهه ناهي، جج هڪ ريفرنس ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪري فائنڊنگ ڏئي چڪو آهي،

وڪيل خواجا حارث چيو ته فيئر ٽرائل لاءِ مناسب آهي ته ٻيا 2 ريفرنسز هو نه ٻڌي، ٻين ٻن ريفرنس ۾ واجد ضياءَ تي آڏي پڇا ڪري رهيو آهيان، هو ٻنهي ريفرنسز ۾ گڏيل شاهد آهي.

جسٽس گل حسن اورنگزيب خواجه حارث کان سوال ڪيو ته باقي ٻن ريفرنسز تي ڪهڙي راءِ ڏني وئي، ڇا فيصلي ۾ ٻين ريفرنسز تي ڪا فائنڊنگ ڏني وئي آهي.

جنهن تي خواجه حارث عدالت کي ٻڌايو ته هي ڪيس ناهي، مان هڪ ڪيس ۾ پنهنجي مڪمل راءِ ڏئي چڪو آهيان، جج محمد بشير ٻين ٻن ريفرنسز کي نه ٿو ٻڌي سگهي.

عدالت نواز شريف جي ريفرنسز جي منتقلي جي درخواست بابت احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.

عدالت نواز شريف طرفان فيصلي تائين منع نامو جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي جولاءِ جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*