قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڪوئيٽا پهچي مستونگ سانحي جي زخمين جي عيادت ڪئي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڪوئيٽا پهچي مستونگ سانحي جي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ ساراوان هائوس ۾ سراج رئيساڻي جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ڪوئيٽا پهچي سي ايم ايڇ جو دورو ڪيو آهي، مستونگ سانحي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي.

زخمين جي عيادت کانپوءِ شاهد آفريدي ساراوان هائوس پهتو، جتي هن سراج رئيساڻي جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو.

واضح رهي ته بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾چونڊ مهم دوران جلسي ۾آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي  سميت 150 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا هئا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*