امريڪا جي بزنس مئگزين فوربز دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ 100 انٽرٽينر جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

امريڪا جي بزنس مئگزين فوربز دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ 100 انٽرٽينر جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ امريڪي باڪسر فلائڊمي ويئر 34 ارب رپين کان وڌيڪ ڪمائي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ انٽر نيٽر بڻجي ويو، سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ انٽرٽينرز جي فهرست ۾ بالي ووڊ مان صرف سلمان خان ۽ اڪشي ڪمار جاءِ ٺاهي سگهيا آهن.

 ميڊيا رپورٽ موجب 34 ارب 64 ڪروڙ 17 لک 50 هزار رپيا ڪمائي امريڪي باڪسر فلائڊمي ويدر سال 2017_18 ۾ انٽرٽينرز کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي.

 بزنس مئگزين فوربر جي رپورٽ موجب هن فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آسڪرايوارڊ يافته هالي ووڊ اداڪار جارج ڪلوني آهي جنهن جي گذريل سال آمدني 28 ارب 56 ڪروڙ 42 لک 50 هزار رپيا رهي، جڏهن ته ريئلٽي اسٽار ڪائلي جينز، ڊيون جانسن ۽ ٻيا اسٽار به هن فهرست جو حصوآهن.

 سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ انٽرٽينر ۾ بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار جو 76 هون نمبر آهي، جنهن گذريل سال 40 ملين ڊالرز ڪمايا آهن، جڏهن ته بالي ووڊ جو دبنگ خان سلمان خان 37.7 ملين ڊالرز ڪمائي 82 هين نمبر تي آهي.

 امريڪي بزنس ميگزين فوربر جي رپورٽ موجب 100 انٽرٽينر جي فهرست ۾ ڪو به پاڪستاني شامل ناهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*