ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ذوالفقار ملڪ ۽ ٻين پارٽين جي مقامي اڳواڻن پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ذوالفقار ملڪ ۽ ٻين پارٽين جي مقامي اڳواڻن پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، پ پ اڳواڻ سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ذوالفقار ملڪ ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

 سعيد غني چيو ته هاڻي ٻين پارٽين جا ماڻهو پ پ  ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم اندروني گروپ بندي جو شڪار آهي.

سعيد غني چيو ته عرفان الله مروت هميشه ڌانڌلي ذريعي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو آهي، هن ڀيري کيس اهڙو موقعو نه ملندو.

هن چيو ته پوليس عملدار عرفان الله مروت جي اليڪشن مهم هلائي رهيا آهن، جن ۾ پوليس جو برطرف آفيسر اسلم مروت، انسپيڪٽر طارق خٽڪ ۽ سي آءِ ا ي عملدار غلام مصطفيٰ  شامل آهن.

سعيد غني چيو ته 10 انسپيڪٽرن جو ٽولو ماڻهن جي گهرن تائين وڃي عرفان الله مروت لاءِ ووٽ گهرڻ سان گڏ منهنجي حمايتن کي ڌمڪائي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*