ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صولت مرزا جا ٻيهر بليڪ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صولت مرزا جا ٻيهر بليڪ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، کيس پهرين اپريل تي مچ جيل ۾ ڦاهي ڏني ويندي.

 مچ جيل انتظاميه صولت مرزا جابليڪ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي اي ٽي سي ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

عدالت جيل انتظاميه جي درخواست منظور ڪندي صولت مرزا جا ٻيهر بليڪ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن تحت کيس پهرين اپريل تي ڦاهي ڏني ويندي.

صولت مرز ا کي 19 اپريل تي ڦاهي اچڻي هئي پر سندس ڦاهي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سندس وڊيو ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت سندس ڦاهي 3 مهينن لاءِ ملتوي ڪئي  هئي.

صولت مرزا کي ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*