حافظ آباد ۾ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جي ڪارڪن ۾جهيڙي دوران ٻنهي پارٽين جا 10 ڪارڪن زخمي ٿي پيا

حافظ آباد ۾ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جي ڪارڪن ۾جهيڙي دوران ٻنهي پارٽين جا 10 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن نون ليگ اميدوار جي آفيس تي حملو ڪرڻ بعد سندس حامين جي دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي،

حافظ آباد ۾ فاروق اعظم چوڪ وٽ تحريڪ انصاف ۽ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن آمهون سامهون اچي ويا.

ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن پاران هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي  وئي، جنهن دوران ڪارڪنن ۾ جهيڙو ۾ ٿي پيو.

هڪ ٻئي کي ڪرسيون ۽ ڏنڊا هڻڻ سبب ٻنهي پارٽين جا 10 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جهيڙي دوران ڪارڪنن پاران نواز ليگ جي حمايتي واپارين جي دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جنهن سبب اڄ واپارين هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اطلاع تي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، جڏهن ته ڪا به گرفتار عمل ۾ نه آئي ۽ نه ئي وري ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن نون ليگ اميدوار جي آفيس تي حملو ڪرڻ بعد سندس حامين جي دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*