پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ پوليس ڪارروايون ڪندي 13 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ پوليس ڪارروايون ڪندي 13 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

حافظ آباد جي سکيڪي ۽ پنڊي ڀٽيان وارن علائقن ۾ پوليس آپريشن ڪري 13 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن وٽان هٿيار ، شراب ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ ڪيو ويو  آهي.

پوليس موجب، جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*