ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن ڏکڻ آفريڪا نيٽورڪ جي ٻن ٽارگيٽ ڪلرز بلاول ۽ ارشاد کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن ڏکڻ آفريڪا نيٽورڪ جي ٻن ٽارگيٽ ڪلرز بلاول ۽ ارشاد کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان چيو ته جوابدار چونڊ مهم دوران مخالف اميدوارن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.

رينجرز ترجمان چيو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٽارگيٽ ڪلرز بلاول ۽ ارشاد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم لنڊن ڏکڻ آفريڪا نيٽورڪ پاران جون ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ ٽيمون ٺاهيون ويون هيون، جوابدارن خلاف ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتا خوري جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

رينجرز ترجمان چيو ته گرفتار ٽارگيٽ ڪلرز ايم ڪيو ايم لنڊن کان مالي وسيلا وٺڻ جو به  اعتراف ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*