سپريم ڪورٽ پي ايس 16 قمبر شهدادڪوٽ جي پي ٽي آءِ اميدوار محمد علي جي نااهلي وارو فيصلو برقرار رکندي اپيل رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ پي ايس 16 قمبر شهدادڪوٽ جي پي ٽي آءِ اميدوار محمد علي جي نااهلي وارو فيصلو برقرار رکندي اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته درخواستگذار اثاثا لڪايا، جنهن سبب سندس اپيل رد ڪئي وئي آهي,

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پي ايس 16 قمبر شهدادڪوٽ جي پي ٽي آءِ اميدوار محمد علي جي نااهلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته آڙ او اثاثا لڪائڻ واري الزام ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا آهن.

عدالت چيو ته اميدوار اثاثن بابت وضاحت ناهي ڪري سگهيو، جنهن تي پي ٽي آءِ اميدوار محمد علي جي نااهلي جو فيصلو برقرار رکندي سندس اپيل رد ڪيون  ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*