ملڪ ۾ سمورين پارٽين پاران چونڊ سرگرميون عروج تي پهتل آهن

ملڪ ۾ سمورين پارٽين پاران چونڊ سرگرميون عروج تي پهتل آهن، مختلف شهرن ۾ جلسن جو سلسلو جاري جاري آهي، تحريڪ انصاف اڄ لاهور، ملتان ۽ جهلم ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، مسلم ليگ ن طرفان راجنپور۾ جلسو ٿيندو، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول گجرات، منڊي بهاءُ الدين، سرگوڌا ۽ جهلم ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندو.

چونڊن ۾ باقي 7 ڏينهن رهجي ويا آهن، سمورين پارٽين پاران چونڊ سرگرميون به عروج تي پهتل آهن، جنهن سبب مختلف شهرن ۾ پنڊال سجايا ويا آهن.

تحريڪ انصاف اڄ لاهورجي علائقي شاهدره، ملتان ۽ جهلم ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، عمران خان سمورن جلسن کي خطاب ڪندو.

مسلم ليگ ن طرفان اڄ راجن پور ۾ پنڊال سجايو ويو آهي، جڏهن ته جلسي جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف ڪارڪنن کي خطاب ڪندو.

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي مختلف علائقن گجرات، منڊي بهاءُ الدين، سرگوڌا ۽ جهلم ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندو.

متحده مجلس عمل ڊيرا اسماعيل خان ۾ جلسا ڪندي، جن کي مولانا فضل الرحمان ۽ سراج الحق خطاب ڪندو.

پاڪ سرزمين پارٽي اڄ حيدرآباد ۾ چونڊ ريلي ڪڍندي، جنهن کي  مصطفي ڪمال ۽ صدر انيس قائم خاني خطاب ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*