اليڪشن ڪميشن 108 اميدوارن جا نامزدگي فارم رد يا منظور  ڪرڻ خلاف اپيلن تي فيصلا نه اچڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن 108 اميدوارن جا نامزدگي فارم رد يا منظور  ڪرڻ خلاف اپيلن تي فيصلا نه اچڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي،

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي 108 اميدوارن جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي ڪنهن به اميدوار جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ ناهي، ڪيسن تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلا نه آيا ته ڪيترن ئي تڪن تي چونڊ ملتوي ڪرڻي پئجي سگهجي ٿي.

اليڪشن ڪميشن 108 اميدوارن جي ڪيسن تي فيصلا نه اچڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي،

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته 108اميدوارن جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي اميدوارن جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي ڪنهن به اميدوار جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ ناهي،

اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب، ڪيسن تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلا نه آيا ته مسئلو ٿيندو،

هن چيو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ٿي چڪي آهي، پهچائڻ وارو عمل جاري آهي، بيلٽ پيپرز پهچائڻ وارو عمل 21 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو،

ترجمان چيو ته ڪيسن تي فيصلا نه اچڻ سبب ڪيترن ئي تڪن تي چونڊ ملتوي ٿي سگهي ٿي.

اليڪشن ڪميشن چيو ته هڪ لک 70 هزار کان وڌيڪ پريزائيڊنگ آفيسرن جي تربيت 15 جولاءِ تي مڪمل ٿي چڪي آهن،

ترجمان موجب، جن آفيسرن وٽ سمارٽ فون نه آهن،  ان عملي کي سمارٽ فورنز آر ٽي ايس سان ڳنڍيو ويو آهي، سافٽ ويئر جوڙڻ وارو سلسلو 21 جولاءِ تي مڪمل ڪيو ويندو،

هن چيو ته پريزائيڊنگ آفيسر ڪنهن به ساٿي سان فون ذريعي آر ٽي ايس استعمال ڪري سگهندا، چونڊ نتيجا فوري موڪلڻ لاءِ پريزائيڊنگ فيسرن فارم 45 ذريعي سمارٽ فون موڪلي سگهن ٿا.

ترجمان چيو ته ووٽر پولنگ اسٽيشن 8300 تي ايس ايم ايس ڪري معلوم ڪري سگهن ٿا، جنهن جا تصيل اپڊيٽ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*