لاهور هاءِ ڪورٽ نوازشريف ۽ مريم نواز جي سزا خلاف وڪيل اي ڪي ڊوگر جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ نوازشريف ۽ مريم نواز جي سزا خلاف وڪيل اي ڪي ڊوگر جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي،

درخواست موقف اختيار ڪيو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ نيب قانون غير موثر ٿي چڪو آهي، جنهن تي سزا نٿي ڏئي سگهجي، غير موثر قانون جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل اي ڪي ڊوگر اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ مريم نواز جي سزا خلاف درخواست داخل ڪرائي، جيڪا ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.

درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته 3 ڀيرا وزيراعظم بڻجڻندڙ کي ان قانون تحت سزا ڏني وئي، جيڪو ختم ٿي چڪو آهي، نيب جو قانون 18هين ترميم کانپوءِ ختم ٿي چڪو آهي،

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب قانون غير موثر ٿي چڪو آهي، جنهن تي سزا نٿي ڏئي سگهجي، غير موثر قانون جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو.

لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست منظور ڪري ورتي، جسٽس علي اڪبر قريشي 19 جولاءِ تي ٻڌڻي ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*