ڀان سيدآباد ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڳوٺاڻن ڪائونسلر نياز محمد خشڪ جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڌرڻو هڻي لاڙڪاڻو-حيدرآباد روڊ بند ڪري ڇڏيو

ڀان سيدآباد ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڳوٺاڻن ڪائونسلر نياز محمد خشڪ جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڌرڻو هڻي لاڙڪاڻو-حيدرآباد روڊ بند ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ ڀنڀڻ جي رهواسين ڪونسلر نياز محمد خشڪ جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب لاڙڪاڻو-حيدرآباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن الزام مڙهيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود نياز محمد خشڪ جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ۽ کين احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪايو پيو وڃي.

هنن چيو ته چونڊيل نمائندا به محفوظ ناهن ته پوءِ عام عوام کي ڪهڙو تحفظ ملندو.

ڳوٺاڻن گهر ڪئي ته ڪونسلر نياز محمد خشڪ کي فوري طور تي بازياب ڪرائي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*