ڪراچي جي احتساب عدالت  ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن خلاف 462 ارب روپيا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي  26 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي جي احتساب عدالت  ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن خلاف 462 ارب روپيا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي  26 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيلن نيب جي شاهد ۽ ان جي پيش ڪيل دستاويزن تي اعتراض ڪيو آهي.

وڪيل عامر رضا نقوي دليلن ۾ چيو ته شاهد جيڪي دستاويز پيش ڪيا آهن، اهي ريفرنس بابت ناهن.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جنهن برانچ ۾ ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، شاهد شعيب ان برانچ جو ملازم ئي ناهي.

عدالت پراسيڪيوٽر کان پڇيو ته توهان اصل دستاويز پهرين پيش نه ڪيا آهن، دستاوين جون ڪاپيون پيش ڪرڻ تي توهان جو ئي نقصان آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته شاهد نوان دستاويز پيش ڪيا آهن، تنهنڪري 10 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي.

عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪلي کي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 26 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين کي 22 جولاءِ کان 6 آگسٽ تائين ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته مون کي علاج ڪرائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻو آهي، تنهن ڪري 22 جولاءِ کان 6 آگسٽ تائين اجازت ڏني وڃي.

عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جي درخواست منظور ڪندي کيس ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته نيب شاهد پيش ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي.

 هن چيو ته منهنجي خلاف جعلي ڪيس ٺاهيو ويو آهي، 8 ڀيرا پراسيڪيوٽر تبديل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*