نيب پشاور سرڪاري هيلي ڪاپٽرز کي ذاتي استعمال جي الزام ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اڄ طلب ڪري ورتو

نيب پشاور سرڪاري هيلي ڪاپٽرز کي ذاتي استعمال جي الزام ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اڄ طلب ڪري ورتو. عمران خان تي 72 ڪلاڪ سرڪاري هيلي ڪاپٽرز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي.

نيب چيئرمين خيبرپختونخواهه جي سرڪاري هيلڪاپٽر کي ذاتي استعمال ۾ آڻڻ تي عمران خان خلاف جاچ جو حڪم ڏنو هو.

نيب پشاور تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي اڄ شام پنجين وڳي طلب ڪيو آهي.

واضح رهي ته نيب اڳ ئي عمران خان کي اڳ ئي سرڪاري هيلي ڪاپٽر جي استعمال واري الزام ۾ طلب ڪري چڪي آهي پر عمران خان پيش نه ٿيو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*