ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت تيار ڪيل پاڪستاني جواب تي ڀارتي اعتراض تي پاڪستان ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت تيار ڪيل پاڪستاني جواب تي ڀارتي اعتراض تي پاڪستان ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته جواب جو  جائزو وٺڻ کانسواءِ ئي اعتراض وارڻ بدنيتي آهي، پاڪستان ڪشمير جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي،

ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت تيار ڪيل پاڪستاني جواب تي ڀارتي اعتراض تي پاڪستان ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، پاڪستان ڪلڀوشن بابت عالمي عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو هو، جواب جو  جائزو وٺڻ کانسواءِ ئي اعتراض وارڻ بدنيتي آهي،

هن چيو ته  پاڪستان ڪشمير جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي، پر ڀارت رڳو والاريل ڪشمير صورتحال تان ڌيان هٽائڻ ۾ رڌل آهي،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت هيومن رائٽس ڪمشنر جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ظفر بنگش ۽ انساني حقن واري ڪمشنر وچ ۾ ٿيل رابطي جي ڪمشنر آفيس ترديد  ڪري ڇڏي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*