راولپنڊي جي مقامي عدالت ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري ۾ رنڊڪ وجهڻ واري ڪيس ۾ ن ليگ اميدوارن ۽ اڳواڻن جي ضمانت ۾ 28 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي

راولپنڊي جي مقامي عدالت ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري ۾ رنڊڪ وجهڻ واري ڪيس ۾ ن ليگ اميدوارن ۽ اڳواڻن جي ضمانت ۾ 28 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري  ورتو.

راولپنڊي جي مقامي عدالت ۾ ايڊيشنل سيشن جج محمد عطا رباني ڪئپٽن (ر) صدر جي ريلي ۾ رنڊڪون وجهنڊڙن جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي،

ٻڌڻي دوران عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سٽي ٿاڻي جي پوليس کي ڪيس جو ريڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري ۾ رنڊڪ وجهڻ واري ڪيس ۾ ن ليگ اميدوارن ۽ اڳواڻن جي ضمانت ۾ 28 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي،

واضح رهي ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي خلاف پوليس ۽ نيب جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا .

ڪيس ۾ چوڌري تنوير، ملڪ ابرار، دانيال چوڌري ۽ حنيف عباسي سميت ٻين کي نامزد ڪيو ويو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*