شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ريفرنسز ٻي عدالت ڏانهن  منتقل ٿيڻ تائين ڪارروائي جو حصو نه بڻجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ريفرنسز ٻي عدالت ڏانهن  منتقل ٿيڻ تائين ڪارروائي جو حصو نه بڻجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، خواجه حارث چيو آهي ته جج صاحب اوهان کي ريفرنسز تي وڌيڪ ڪارروائي نه هلائڻ گهرجي، جج محمد بشير چيو آهي ته ريفرنسز جي منتقلي منهنجي اختيار ۾ ناهي رهنمائي لاءِ هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي.

اسلام  آباد ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف فليگ شپ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران العزيزيه اسٽيل مل ۽ فليگ شپ ريفرنسز بابت جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن به احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

جج محمد بشير نوازشريف جي وڪيل کان پڇا ڪئي ته اوهان ٻڌايو ته جيل ٽرائل جي معاملي ۾ ڇا ڪيو وڃي، جنهن تي  خواجا حارث چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اوهان ريفرنسز جي ٻڌڻي نه ڪيون.

جج محمد بشير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي، ريفرنسز جي منتقلي منهنجي اختيار ۾ نه اهي، جنهن تي خواجا حارث سوال ڪيو ته اوهان پنهنجي ضمير موجب به ڏسو، ڇا اوهان کي هي ريفرنسز ٻڌڻ گهرجن.

جنهن تي احتساب عدالت جي جج پڇا ڪئي ته اوهان ريفرنسز جو ٽرائل منقل ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي، ان جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي خواجا حارث چيو ته گذريل ڏينهن پراسيڪيوٽر ۾ ڪو به هاءِ ڪورٽ ۾ نه آيو هو.

نوازشريف جي وڪيل چيو ته ٽرائل ٻي عدالت منتقل ڪرڻ واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين ڪارروائي جو حصو نه بڻجنداسين.

ان موقعي تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي چيو ته خواجا حارث سپريم ڪورٽ ۾ به معاملو اٿاريو هو، جنهن تي عدالت لاڳاپيل فورم  ڏانهن وڃڻ جو چيو هو. ان وقت به ڪو به حڪم جاري نه ڪيو ويو هو، مناسب ٿيندو ته اوهان ڪيس جي ڪارروائي اڳتي وڌايو.

جج محمد بشير نوازشريف جي وڪيل کان پڇا ڪئي ته اوهان جيل ٽرائل بابت ڇا چوندا؟ جنهن تي خواجا حارث چيو ته اسان سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪرڻ چاهيون پيا، اسان پنهنجي موڪل کان مشورو ڪري جواب ڏئي سگهون ٿا.

احتساب عدالت جي جج چيو ته اهو ايترو سولو نه آهي ته هتان اٿي ٻئي هنڌ جيل جو ٽرائل شروع ڪيو. شاهدن ۽ ججن جي لاءِ جيل ۾ وڃڻ جو به هڪ طريقو هوندو آهي.

ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيل ۾ ٽرائل بابت نوٽيفڪيشن گزٽ آف پاڪستان ۾ اچي چو آهي، جنهن تي درخواستگذار هاڻ ڪو به اعتراض نٿو ڪري سگهي.

جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جي مقصد جي اسان کي خبر آهي، نوٽيفڪيشن جو مقصد آهي ته چونڊن کان اڳ نه ڪو نواز شريف کي ٻڌي ۽ نه ئي  وري ڏسي سگهي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*