حيدرآباد ۾ جوابدارن هڪ شخص کي باهه ڏئي ساڙڻ بعد لاش قبرستان ۾ دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي

حيدرآباد ۾ جوابدارن هڪ شخص کي باهه ڏئي ساڙڻ بعد لاش قبرستان ۾ دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ڪارروائي ڪري لاش تحويل ۾ وٺي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڳوٺ لالو لاشاري ۾ جوابدارن 45  سالن جي شخص عبدالحميد کي باهه ڏئي ساڙڻ بعد قبرستان ۾ دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي.

اطلاع ملڻ تي پنڃاري پوليس ڪارروائي ڪري لاش تحويل ۾ وٺي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*