سکر جي سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين کي سڀاڻي ڦاهي تي چاڙهيو ويندو

سکر جي سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين جلال موريجو ۽ عبدالرزاق چوهاڻ کي سڀاڻي ڦاهي تي چاڙهيو ويندو، قيدي جلال موريجو جي وارثن سينٽرل جيل ٻاهران احتجاج احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قيدي جلال موريجو ۽ عبدالرزاق چوهاڻ  کي سينٽرل جيل سکر ۾ سڀاڻي فجر ويل ڦاهي ڏني ويندي، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

قيدي جلال موريجو کي نوشهروفيروز جي عدالت ذاتي تڪرار تان نوجوان هارون موريجو کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

اعليٰ عدالتن مان اپيلون رد ٿيڻ بعد گذريل حڪومتي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا سندس ڊيٿ وارنٽس جاري ٿيا پر سرڪاري سطح تي ڦاهين مٿان پابندين سبب سزا تي عمل نه ٿي سگهيو.

ٻئي قيدي عبدالرزاق چوهاڻ کي سکر جي عدالت بچل شاهه مياڻي ۾ نينگر آفتاب ميراڻي کي قتل ڪري لاش مدرسي پٺيان دفنائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

قيدي جلال موريجو جي وارثن سينٽرل جيل ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڦاهي روڪڻ جي اپيل ڪئي.

وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول ڌر سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ راڄوڻي فيصلي جون ڪوششون جاري آهن، جنهن ڪري جلال موريجو جي ڦاهي تي عمل روڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*