پاڪستان سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته شهر جي عوام کي هاڻي فيصلو ڪرڻ پوندو ته کين لاشن ۽ ڪچري وارو ڪراچي يا صاف سٿرو ۽ روشن ڪراچي گهرجي

پاڪستان سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته شهر جي عوام کي هاڻي فيصلو ڪرڻ پوندو ته کين لاشن ۽ ڪچري وارو ڪراچي يا صاف سٿرو ۽ روشن ڪراچي گهرجي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ ۾ هاڻي سياست جو هڪ نئون ٽرينڊ سيٽ ٿي رهيو آهي، سکر، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.

هن چيو ته اليڪشن ۾ سڀئي سياسي پارٽيون ڀرپور نموني سان حصو وٺي رهيون آهن، اسان جي دور ۾ ڪراچي هڪ روشنين وارو شهر هو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته هاڻي ڪراچي وارن وٽ پي ايس پي کانسواءِ ٻيو رستو ناهي، مفتي منيب اسان جي سياسي خدمت جي ساراهه ڪئي آهي ۽ دعائيون به ڏنيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*