هاءِ ڪورٽ بئنچ لاڙڪاڻو پ پ اميدوار عابد ڀيو جي نامزدگي فارم تي داخل سڀئي اعتراض رد ڪندي کيس چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

 

هاءِ ڪورٽ بئنچ لاڙڪاڻو پ پ اميدوار عابد ڀيو جي نامزدگي فارم تي داخل سڀئي اعتراض رد ڪندي کيس چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

 اليڪشن ٽربيونل سکر جي فيصلي خلاف شڪارپور مان قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين 198 تي اميدوار عابد ڀيو پاران داخل ڪيل اپيل تي لاڙ ڪاڻو هاءِ ڪورٽ بئنچ سندس نامزدگي فارم بحال ڪري ڇڏيو.

 پ پ اميدوار پاران داخل ڪيل اپيل تي عدالت فيصلو ٻڌائيندي سڀ ئي اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن، عابد ڀيو خلاف  2 سڃاڻپ ڪارڊ ۽ 2 ووٽ داخل هجڻ جو ڄاڻائي امير علي جتوئي اعتراض داخل ڪرايو هو، جنهن تي پ پ اميدوار جو فارم اليڪشن ٽربيونل سکر رد ڪري ڇڏيو هو.

 لاڙ ڪاڻو هاءِ ڪورٽ بئنچ اعتراض رد ڪندي کيس 25 جولاءِ تي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*